ٿانوي محمد احمد مولانا

ٿانوي، محمد احمد، مولانا: نامور عالم دين مولانا محمد احمد ٿانوي 1914ع ۾ جنم ورتو. جڏهن هي ننڍو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو ، جنهن کانپوءِ سندس تعليم ۽ تربيت وڏي ڀاءُ مولانا مفتي جميل احمد ٿانوي جي زير نگراني ۾ ٿي. ان کانپوءِ هن درسگاهه مدرسه مظاهر العلوم سهانپور جي استادن مولانا محمد زڪريا ۽ مولانا اشرف علي ٿانوي کان مشڪواة شريف جا ڪجهه حصا پڙهي ۽ فارغ التحصيل ٿيو. هو پنهنجي استاد مولانا اشرف علي ٿانوي جي حڪم تي ڪانپور جي جامع العلوم ۾ درس و تدريس جي پيشي سان لاڳاپجي ويو. هن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪوهاٽ ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو، جتي اتان جا ماڻهو ديني تعليم حاصل ڪن ٿا. هو آڪٽوبر 1947ع ۾ پاڪستان اچي رهيو جتي هن سنڌ جي شهر سکر ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي مولانا اشرف ٿانوي جي نالي سان مدرسه اشرفيه قائم ڪيائين، جنهن ۾ هن هڪ ڪتب خانو به قائم ڪيو. هن تقريباً 25 سالن تائين سکر جي مرڪزي جامع مسجد ۾ خطابت جا فرائض انجام ڏنا. هن روهڙي ۾ به هڪ مدرسو قائم ڪيو. محمد احمد ٿانوي مارچ 1977ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو